ڏاهري خان محمد

ڏاهري خان محمد

ڏاهري خان محمد

ڏاهري، خان محمد: رئيس خان محمد ڏاهري ولد رئيس جان محمد ڏاهري، 1964ع ۾ ڳوٺ سردار رضا محمد ڏاهري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (بينظير آباد) ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دولتپور مان ڪيائين. انٽر 1982ع ۾ مهراڻ ڪاليج موري مان ڪرڻ کان پوءِ بي. اي (آنرس) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1988ع ۾ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ڪئي ۽ ان بعد ايل. ايل. بي به ڪيائين. سال 1990ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ پي. ايس. 22 تان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. 1993ع تائين صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. کيس پنهنجي علائقي جا مسئلا حل ڪرائڻ ۽ شڪار ۽ والي بال راند سان شوق رهيو آهي. رئيس خان محمد ڏاهري گذريل نگران حڪومت ۾ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ جو وزير تعليم پڻ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو